وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ كَأَنْ لَمْ يَلْبَثُوا إِلَّا سَاعَةً مِنَ النَّهَارِ يَتَعَارَفُونَ بَيْنَهُمْ ۚ قَدْ خَسِرَ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِلِقَاءِ اللَّهِ وَمَا كَانُوا مُهْتَدِينَ
امروٽي
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين گڏ ڪندو تنھن ڏينھن ڄڻڪ (دنيا ۾) ڏينھن جي ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ (وڌيڪ) ترسيائي نه ھوا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي سڃاڻندا، بيشڪ جن الله جي ديدار کي ڪوڙ ڀانيو تن ڇيئو پاتو ۽ ھدايت وارا نه ھوا.
: