فَمَا آمَنَ لِمُوسَىٰ إِلَّا ذُرِّيَّةٌ مِنْ قَوْمِهِ عَلَىٰ خَوْفٍ مِنْ فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِمْ أَنْ يَفْتِنَهُمْ ۚ وَإِنَّ فِرْعَوْنَ لَعَالٍ فِي الْأَرْضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الْمُسْرِفِينَ
امروٽي
پوءِ موسىٰ تي سندس قوم مان ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ فرعون ۽ سندس سردارن کان ڊڄڻ جي ڪري ته متان کين ايذائين (ڪنھن) ايمان نه آندو، ۽ تحقيق فرعون (اُن) مُلڪ ۾ ھٺيلو ھو، ۽ اُھو ضرور حَد کان لنگھندڙن مان ھو.