وَقَالَ مُوسَىٰ رَبَّنَا إِنَّكَ آتَيْتَ فِرْعَوْنَ وَمَلَأَهُ زِينَةً وَأَمْوَالًا فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا رَبَّنَا لِيُضِلُّوا عَنْ سَبِيلِكَ ۖ رَبَّنَا اطْمِسْ عَلَىٰ أَمْوَالِهِمْ وَاشْدُدْ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَلَا يُؤْمِنُوا حَتَّىٰ يَرَوُا الْعَذَابَ الْأَلِيمَ
امروٽي
۽ مُوسىٰ چيو ته اي اسان جا پالڻھار تو فرعون ۽ سندس سردارن کي سينگار ۽ (گھڻو) مال دنيا جي حياتيءَ ۾ (ھن لاءِ) ڏنو آھي ته اي اسان جا پالڻھار تنھنجي واٽ کان ماڻھن کي ڀُلائين، اي اسان جا پالڻھار سندن مال کي ناس ڪر ۽ سندين دلين مُھر ھَڻ جو جيستائين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسن تيسين ايمان نه آڻين.