وَمَا أَنْزَلْنَا عَلَيْكَ الْكِتَابَ إِلَّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ الَّذِي اخْتَلَفُوا فِيهِ ۙ وَهُدًى وَرَحْمَةً لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
امروٽي
۽ (اي پيغمبر) توتي ڪتاب ھن کانسواءِ نازل نه ڪيوسون ته جن بابت تڪرار ڪيو تن کي تون بيان ڪرين ۽ (پڻ) مؤمن قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.