وَجَعَلْنَا اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ آيَتَيْنِ ۖ فَمَحَوْنَا آيَةَ اللَّيْلِ وَجَعَلْنَا آيَةَ النَّهَارِ مُبْصِرَةً لِتَبْتَغُوا فَضْلًا مِنْ رَبِّكُمْ وَلِتَعْلَمُوا عَدَدَ السِّنِينَ وَالْحِسَابَ ۚ وَكُلَّ شَيْءٍ فَصَّلْنَاهُ تَفْصِيلًا
امروٽي
۽ رات ۽ ڏينھن کي ٻه نشانيون ڪيون سون پوءِ رات جي نشاني کي ميٽايوسون ۽ ڏينھن جي نشاني کي ھن لاءِ روشن ڪيوسون ته پنھنجي پالڻھار جو فضل ڳوليو ۽ (پڻ ھن لاءِ) ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، ۽ سڀ ڪنھن شيء جو کولي بيان ڪيوسون.