أُولَٰئِكَ الَّذِينَ يَدْعُونَ يَبْتَغُونَ إِلَىٰ رَبِّهِمُ الْوَسِيلَةَ أَيُّهُمْ أَقْرَبُ وَيَرْجُونَ رَحْمَتَهُ وَيَخَافُونَ عَذَابَهُ ۚ إِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ كَانَ مَحْذُورًا
امروٽي
ھي (ڪافر خُدا کانسواءِ) جن کي سڏيندا آھن سي پاڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وسيلو ڳوليندا آھن ته انھن مان ڪير ڏاڍو ويجھو آھي؟ ۽ سندس ٻاجھ جي اميد رکندا آھن ۽ سندس عذاب کان ڊڄندا آھن، ڇوته تنھنجي پالڻھار جو عذاب ڊڄڻ جھڙي شيء آھي.