وَمَا مَنَعَنَا أَنْ نُرْسِلَ بِالْآيَاتِ إِلَّا أَنْ كَذَّبَ بِهَا الْأَوَّلُونَ ۚ وَآتَيْنَا ثَمُودَ النَّاقَةَ مُبْصِرَةً فَظَلَمُوا بِهَا ۚ وَمَا نُرْسِلُ بِالْآيَاتِ إِلَّا تَخْوِيفًا
امروٽي
۽ اسان کي مُعجزن موڪلڻ کان انھيءَ ڳالھ کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه روڪيو جو اڳين (ماڻھن) انھن کي ڪوڙ ڄاتو ھو، ۽ ثمود (جي قوم) کي ڏاچي مُعجزہ لاءَ ڏني سون ته اُن کي نه مڃيائون، ۽ اسين رڳو ڊيڄارڻ لاءِ مُعجزا موڪليندا آھيون.
: