وَتَرَى الشَّمْسَ إِذَا طَلَعَتْ تَزَاوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِينِ وَإِذَا غَرَبَتْ تَقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِي فَجْوَةٍ مِنْهُ ۚ ذَٰلِكَ مِنْ آيَاتِ اللَّهِ ۗ مَنْ يَهْدِ اللَّهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۖ وَمَنْ يُضْلِلْ فَلَنْ تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُرْشِدًا
امروٽي
۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن سج اڀري (تڏھن) ڏسندين ته (اُس) سندن غار کان سڄي پاسي لڙندي آھي ۽ جڏھن لھي تڏھن سندن کٻي پاسي مڙندي آھي ۽ اُھي ان (غار جي) ويڪرائي ۾ آھن، اِھا الله جي نشانين مان آھي، جنھن کي الله ھدايت ڪري سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي ڀُلائي ان لاءِ ڪوبه دوست واٽ ڏيکارندڙ نه لھندين.
: