رَبَّنَا وَاجْعَلْنَا مُسْلِمَيْنِ لَكَ وَمِنْ ذُرِّيَّتِنَا أُمَّةً مُسْلِمَةً لَكَ وَأَرِنَا مَنَاسِكَنَا وَتُبْ عَلَيْنَا ۖ إِنَّكَ أَنْتَ التَّوَّابُ الرَّحِيمُ
امروٽي
۽ اسان جا پالڻھار اسان کي پنھنجو فرمانبردار ڪر ۽ اسان جي اولاد مان (به) ھڪ ٽوليءَ کي پنھنجو فرمانبردار ڪر، ۽ اسان کي اسان جي حج جا ارڪان سيکار ۽ اسان جون (خطائون) معاف ڪر، ڇو ته تون ئي وڏو معاف ڪندڙ مھربان آھين.