إِنَّ فِي خَلْقِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَاخْتِلَافِ اللَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَالْفُلْكِ الَّتِي تَجْرِي فِي الْبَحْرِ بِمَا يَنْفَعُ النَّاسَ وَمَا أَنْزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّمَاءِ مِنْ مَاءٍ فَأَحْيَا بِهِ الْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا وَبَثَّ فِيهَا مِنْ كُلِّ دَابَّةٍ وَتَصْرِيفِ الرِّيَاحِ وَالسَّحَابِ الْمُسَخَّرِ بَيْنَ السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ لَآيَاتٍ لِقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
امروٽي
آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ (۾)، ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾)، ۽ ٻيڙيون جي اُنھيءَ (سامان) سان جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن تن (۾)، ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي وسامڻ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن (۾)، ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين تنھن (۾)، ۽ ھوائن جي گھلڻ (۾)، ۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايلن ڪڪرن ۾، سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.
: