وَقَالَ الَّذِينَ اتَّبَعُوا لَوْ أَنَّ لَنَا كَرَّةً فَنَتَبَرَّأَ مِنْهُمْ كَمَا تَبَرَّءُوا مِنَّا ۗ كَذَٰلِكَ يُرِيهِمُ اللَّهُ أَعْمَالَهُمْ حَسَرَاتٍ عَلَيْهِمْ ۖ وَمَا هُمْ بِخَارِجِينَ مِنَ النَّارِ
امروٽي
۽ (تنھن مھل) پٺيءَ لڳندڙ چوندا ته جيڪر اسان کي (وري دنيا ۾) موٽڻو ھجي ھا ته کانئن ائين بيزار ٿيون ھا جئن اسان کان بيزار ٿيا آھن، اھڙي طرح الله سندن ڪرتوتن کي مٿن پشيمانيون بڻائي ڏيکاريندو، ۽ اُھي باھ مان نڪرڻ وارا نه آھن.