وَمَثَلُ الَّذِينَ كَفَرُوا كَمَثَلِ الَّذِي يَنْعِقُ بِمَا لَا يَسْمَعُ إِلَّا دُعَاءً وَنِدَاءً ۚ صُمٌّ بُكْمٌ عُمْيٌ فَهُمْ لَا يَعْقِلُونَ
امروٽي
۽ ڪافرن (کي سڏيندڙ) جو مثال اُن ماڻھوءَ جي مثال وانگر آھي جو اھڙِيءَ شي کي واڪو ڪري ٻڌائي جا سڏ ۽ ڪوڪ کانسواءِ (ڪجھ) نه ٻڌي. (ڪافر) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن تنھنڪري اُھي (ڪجھ به) نه ٿا سمجھن.