فَمَنْ بَدَّلَهُ بَعْدَمَا سَمِعَهُ فَإِنَّمَا إِثْمُهُ عَلَى الَّذِينَ يُبَدِّلُونَهُ ۚ إِنَّ اللَّهَ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
امروٽي
پوءِ جيڪو اُن (وصيّت) کي اُن جي ٻڌڻ کانپوءِ ڦيرائيندو ته اُن (ڦيرائڻ) جو گُناہ اُن جي ڦيرائيندڙن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
: