شَهْرُ رَمَضَانَ الَّذِي أُنْزِلَ فِيهِ الْقُرْآنُ هُدًى لِلنَّاسِ وَبَيِّنَاتٍ مِنَ الْهُدَىٰ وَالْفُرْقَانِ ۚ فَمَنْ شَهِدَ مِنْكُمُ الشَّهْرَ فَلْيَصُمْهُ ۖ وَمَنْ كَانَ مَرِيضًا أَوْ عَلَىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِنْ أَيَّامٍ أُخَرَ ۗ يُرِيدُ اللَّهُ بِكُمُ الْيُسْرَ وَلَا يُرِيدُ بِكُمُ الْعُسْرَ وَلِتُكْمِلُوا الْعِدَّةَ وَلِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلَىٰ مَا هَدَاكُمْ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
امروٽي
رمضان جو مھينو اھڙو (ڀلو) آھي جنھن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻھن لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي ۽ (اُن ۾) ھدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سَنڌي وجھڻ جون چٽيون ڳالھيون آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو اُنھيءَ مھيني ۾ (گھر ۾) حاضر ھجي تنھن کي اُن ۾ روزو رکڻ گهرجي، ۽ جيڪو بيمار ھُجي يا سفر تي (ھُجي) تنھن کي ٻـين ڏينھن مان (اوترو) ڳاڻاٽو (لازم) آھي. الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آھي، ۽ (گھرندو آھي) ته اوھين ڳَڻ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوھان کي ھدايت ڪيائين تنھن تي الله کي وڏائيندا رھو ۽ مانَ اوھين شُڪرانو ڪريو.