أُحِلَّ لَكُمْ لَيْلَةَ الصِّيَامِ الرَّفَثُ إِلَىٰ نِسَائِكُمْ ۚ هُنَّ لِبَاسٌ لَكُمْ وَأَنْتُمْ لِبَاسٌ لَهُنَّ ۗ عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُمْ كُنْتُمْ تَخْتَانُونَ أَنْفُسَكُمْ فَتَابَ عَلَيْكُمْ وَعَفَا عَنْكُمْ ۖ فَالْآنَ بَاشِرُوهُنَّ وَابْتَغُوا مَا كَتَبَ اللَّهُ لَكُمْ ۚ وَكُلُوا وَاشْرَبُوا حَتَّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الْخَيْطُ الْأَبْيَضُ مِنَ الْخَيْطِ الْأَسْوَدِ مِنَ الْفَجْرِ ۖ ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيَامَ إِلَى اللَّيْلِ ۚ وَلَا تُبَاشِرُوهُنَّ وَأَنْتُمْ عَاكِفُونَ فِي الْمَسَاجِدِ ۗ تِلْكَ حُدُودُ اللَّهِ فَلَا تَقْرَبُوهَا ۗ كَذَٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ آيَاتِهِ لِلنَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ
امروٽي
روزي جي رات ۾ اوھان لاءِ پنھنجين زالن سان صُحبت ڪرڻ حلال ڪئي ويئي، (جو) اُھي اوھان جو ڍڪ آھن ۽ اوھين اُنھن جو ڍڪ آھيو. الله ڄاتو ته اوھين پاڻ سان خيانت ڪندا ھيؤ پوءِ اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو ۽ اوھان کي معاف ڪيائين، پوءِ ھاڻي ساڻن صُحبت ڪريو ۽ الله اوھان لاءِ جيڪي (اولاد) لکيو آھي تنھن جي طلب ڪريو ۽ (ايستائين) کائو ۽ پيئو جيستائين ڪاري ڌاڳي کان باکه جو اڇو ڌاڳو اوھان لاءِ پڌرو ٿئي، پوءِ روزو رات توڻي پورو ڪريو، ۽ جنھن حالت ۾ اوھين مسجدين ۾ اعتڪاف وارا ھجو ته اُنھن (زالن) سان صُحبت نه ڪريو. اِھي الله جون حدون آھن پوءِ اُنھن کي ويجھا نه وڃو، اھڙيءَ طرح الله ماڻھن لاءِ پنھنجا حُڪم پڌرا ڪندو آھي ته مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن.
: