كَانَ النَّاسُ أُمَّةً وَاحِدَةً فَبَعَثَ اللَّهُ النَّبِيِّينَ مُبَشِّرِينَ وَمُنْذِرِينَ وَأَنْزَلَ مَعَهُمُ الْكِتَابَ بِالْحَقِّ لِيَحْكُمَ بَيْنَ النَّاسِ فِيمَا اخْتَلَفُوا فِيهِ ۚ وَمَا اخْتَلَفَ فِيهِ إِلَّا الَّذِينَ أُوتُوهُ مِنْ بَعْدِ مَا جَاءَتْهُمُ الْبَيِّنَاتُ بَغْيًا بَيْنَهُمْ ۖ فَهَدَى اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا لِمَا اخْتَلَفُوا فِيهِ مِنَ الْحَقِّ بِإِذْنِهِ ۗ وَاللَّهُ يَهْدِي مَنْ يَشَاءُ إِلَىٰ صِرَاطٍ مُسْتَقِيمٍ
امروٽي
سڀ ماڻھو ھڪ ٽولي هُئا، پوءِ (ڦري اِختلاف ۾ پيا تنھنڪري) الله پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ ساڻن سچ سان ڪتاب ھن لاءِ لاٿائين ته (اُھو ڪتاب) ماڻھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن (تنھن بابت) نبيرو ڪري، ۽ اُنھيءَ بابت (ٻئي ڪنھن به) تڪرار نه ڪيو پر جن کي اُھو (ڪتاب) ڏنو ويو تن پڌرن حڪمن اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ پيل سببان (تڪرار ڪيو)، پوءِ الله اُھا سچي ڳالھ جنھن بابت جھڳڙو ڪيائون تنھن ڏانھن پنھنجي حُڪم سان مؤمنن کي سڌو رستو ڏيکاريو، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.
: