يَسْأَلُونَكَ عَنِ الشَّهْرِ الْحَرَامِ قِتَالٍ فِيهِ ۖ قُلْ قِتَالٌ فِيهِ كَبِيرٌ ۖ وَصَدٌّ عَنْ سَبِيلِ اللَّهِ وَكُفْرٌ بِهِ وَالْمَسْجِدِ الْحَرَامِ وَإِخْرَاجُ أَهْلِهِ مِنْهُ أَكْبَرُ عِنْدَ اللَّهِ ۚ وَالْفِتْنَةُ أَكْبَرُ مِنَ الْقَتْلِ ۗ وَلَا يَزَالُونَ يُقَاتِلُونَكُمْ حَتَّىٰ يَرُدُّوكُمْ عَنْ دِينِكُمْ إِنِ اسْتَطَاعُوا ۚ وَمَنْ يَرْتَدِدْ مِنْكُمْ عَنْ دِينِهِ فَيَمُتْ وَهُوَ كَافِرٌ فَأُولَٰئِكَ حَبِطَتْ أَعْمَالُهُمْ فِي الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ ۖ وَأُولَٰئِكَ أَصْحَابُ النَّارِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ
امروٽي
(اي پيغمبر) توکان تعظيم وارن مھينن ۾ وڙھڻ بابت پُڇن ٿا، چؤ ته مَنجھن ويڙھ ڪرڻ وَڏو گناھ آھي، ۽ الله جي واٽ کان جھلڻ ۽ الله کي نه مڃڻ ۽ تعظيم واريءَ مسجد کان روڪڻ، ۽ سندس رھڻ وارن کي منجھائنس لوڌڻ الله وٽ (اُن کان) تمام وڏو گناھ آھي، ۽ فتنو (يعني شرڪ) خون ڪرڻ کان بلڪل وڏو ڏوھ آھي. ۽ (ڪافر) جيڪڏھن پڄي سگھندا ته اوھان سان ايستائين سدائين پيا وڙھندا جيستائين اوھان کي اوھان جي دين (اسلام) کان ڦيرائين، ۽ اوھان مان جيڪي پنھنجي دين کان ڦرندا پوءِ اُھي ڪافر ٿي مرندا تن جي ڪئي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ ڪُٽ ٿي ويئي، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.