الطَّلَاقُ مَرَّتَانِ ۖ فَإِمْسَاكٌ بِمَعْرُوفٍ أَوْ تَسْرِيحٌ بِإِحْسَانٍ ۗ وَلَا يَحِلُّ لَكُمْ أَنْ تَأْخُذُوا مِمَّا آتَيْتُمُوهُنَّ شَيْئًا إِلَّا أَنْ يَخَافَا أَلَّا يُقِيمَا حُدُودَ اللَّهِ ۖ فَإِنْ خِفْتُمْ أَلَّا يُقِيمَا حُدُودَ اللَّهِ فَلَا جُنَاحَ عَلَيْهِمَا فِيمَا افْتَدَتْ بِهِ ۗ تِلْكَ حُدُودُ اللَّهِ فَلَا تَعْتَدُوهَا ۚ وَمَنْ يَتَعَدَّ حُدُودَ اللَّهِ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ
امروٽي
طلاق (رجعي پورا) ٻه ڀيرا آھي، پوءِ چڱيءَ طرح سان جھلڻ يا اِحسان سان ڇڏڻ (لازم) آھي، ۽ جيڪو کين ڏنو اَٿوَ تنھن مان ڪجھ (ورائي) وٺڻ اوھان کي ھن (حالت) کان سواءِ حلال نه آھي جو ٻئي الله جي حدن کي نه پوري ڪرڻ کان ڊڄن، پوءِ جيڪڏھن (اي مسلمانؤ) اوھين ڊڄو ته ٻئي الله جي حدن کي پورو ڪري نه سگھندا ته (زال) جيڪا شي عيوض ۾ ڏئي تنھن (جي ڏيڻ وٺڻ) ۾ ٻنھي تي گناھ نه آھي. اِھي الله جون حدون آھن اُنھن کان لنگھي نه وڃو، ۽ جيڪي الله جي حدن کان لنگھي ويندا سي ئي ظالم آھن.
: