وَالْوَالِدَاتُ يُرْضِعْنَ أَوْلَادَهُنَّ حَوْلَيْنِ كَامِلَيْنِ ۖ لِمَنْ أَرَادَ أَنْ يُتِمَّ الرَّضَاعَةَ ۚ وَعَلَى الْمَوْلُودِ لَهُ رِزْقُهُنَّ وَكِسْوَتُهُنَّ بِالْمَعْرُوفِ ۚ لَا تُكَلَّفُ نَفْسٌ إِلَّا وُسْعَهَا ۚ لَا تُضَارَّ وَالِدَةٌ بِوَلَدِهَا وَلَا مَوْلُودٌ لَهُ بِوَلَدِهِ ۚ وَعَلَى الْوَارِثِ مِثْلُ ذَٰلِكَ ۗ فَإِنْ أَرَادَا فِصَالًا عَنْ تَرَاضٍ مِنْهُمَا وَتَشَاوُرٍ فَلَا جُنَاحَ عَلَيْهِمَا ۗ وَإِنْ أَرَدْتُمْ أَنْ تَسْتَرْضِعُوا أَوْلَادَكُمْ فَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ إِذَا سَلَّمْتُمْ مَا آتَيْتُمْ بِالْمَعْرُوفِ ۗ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعْلَمُوا أَنَّ اللَّهَ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
امروٽي
۽ مائر پنھنجن ويائن کي پورا ٻه ورھيه ٿڃ پيارين (اِھو حُڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو ٿڃ پيارڻ جي مُدّت پُوري ڪرڻ گُھري، ۽ اُنھن (مائرن) جي خوراڪ ۽ اُنھن جي پوشاڪ ھليءَ چليءَ وانگر پيءُ تي آھي، ڪنھن کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف نه ٿي ڏجي، ماءُ کي وياءُ سببان تڪليف نه ٿي ڏجي ۽ نڪي پيءُ کي وياءُ سببان (تڪليف ڏجي)، ۽ وارث تي (به) اھڙو ئي (حق) آھي، پوءِ جيڪڏھن ٻئي پنھنجي رضامندي ۽ صَلاح سان (ٻار جي ٿڃ) ڇڏائڻ گھرن ته مٿن گناھ نه آھي، ۽ جيڪڏھن پنھنجي اولاد کي (ٻئي کان) کير پيارڻ گھرو ته جڏھن اوھان ھليءَ چليءَ وانگر (پياريندڙ کي) جيڪي ڏيڻو ڪيو سو پھچايو تڏھن اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
: