وَإِذْ قُلْتُمْ يَا مُوسَىٰ لَنْ نَصْبِرَ عَلَىٰ طَعَامٍ وَاحِدٍ فَادْعُ لَنَا رَبَّكَ يُخْرِجْ لَنَا مِمَّا تُنْبِتُ الْأَرْضُ مِنْ بَقْلِهَا وَقِثَّائِهَا وَفُومِهَا وَعَدَسِهَا وَبَصَلِهَا ۖ قَالَ أَتَسْتَبْدِلُونَ الَّذِي هُوَ أَدْنَىٰ بِالَّذِي هُوَ خَيْرٌ ۚ اهْبِطُوا مِصْرًا فَإِنَّ لَكُمْ مَا سَأَلْتُمْ ۗ وَضُرِبَتْ عَلَيْهِمُ الذِّلَّةُ وَالْمَسْكَنَةُ وَبَاءُوا بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ ۗ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَانُوا يَكْفُرُونَ بِآيَاتِ اللَّهِ وَيَقْتُلُونَ النَّبِيِّينَ بِغَيْرِ الْحَقِّ ۗ ذَٰلِكَ بِمَا عَصَوْا وَكَانُوا يَعْتَدُونَ
امروٽي
۽ جڏھن چيوَ ته اي موسىٰ ھڪ طعام تي ڪڏھن به صبر نه ڪنداسون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ (دُعا) گھر ته زمين جيڪو پنھنجو ساڳ ۽ پنھنجا بادرنگ ۽ پنھنجي ڪڻڪ ۽ پنھنجي مُھري ۽ پنھنجا بصر ڄمائيندي آھي سي اسان لاءِ پيدا ڪري، چيائين ته جيڪي چڱيون آھن سي سادين سان ڇو ٿا مٽايو؟ (جي نٿا رھو ته) ڪنھن شھر ۾ لھي وڃو ۽ پوءِ جيڪي گھرو ٿا سو سڀ اوھان لاءِ (اُتي موجود) آھي، خواري ۽ محتاجي مٿن ھنئي وئي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وريا، ھِيءُ ھن ڪري آھي جو اُنھن الله جي حڪمن کي نه ٿي مڃيو ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اھو ڪم بي فرمانيءَ سببان ٿي ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھوا.