وَقَالَ إِنَّمَا اتَّخَذْتُمْ مِنْ دُونِ اللَّهِ أَوْثَانًا مَوَدَّةَ بَيْنِكُمْ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا ۖ ثُمَّ يَوْمَ الْقِيَامَةِ يَكْفُرُ بَعْضُكُمْ بِبَعْضٍ وَيَلْعَنُ بَعْضُكُمْ بَعْضًا وَمَأْوَاكُمُ النَّارُ وَمَا لَكُمْ مِنْ نَاصِرِينَ
امروٽي
۽ (ابراھيم) چيو ته اوھان دنيا جي حياتيءَ ۾ رڳو پاڻ ۾ دوستيءَ جي ڪري الله کانسواءِ بتن کي اختيار ڪيو آھي، وري قيامت جي ڏينھن اوھين ھڪ ٻئي جو انڪار ڪندؤ ۽ اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي لعنت ڪندا، ۽ اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪوبه مددگار نه آھي.
: