وَمَنْ يُهَاجِرْ فِي سَبِيلِ اللَّهِ يَجِدْ فِي الْأَرْضِ مُرَاغَمًا كَثِيرًا وَسَعَةً ۚ وَمَنْ يَخْرُجْ مِنْ بَيْتِهِ مُهَاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسُولِهِ ثُمَّ يُدْرِكْهُ الْمَوْتُ فَقَدْ وَقَعَ أَجْرُهُ عَلَى اللَّهِ ۗ وَكَانَ اللَّهُ غَفُورًا رَحِيمًا
امروٽي
جيڪو الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندو سو زمين ۾ گھڻيون رھڻ جون جايون ۽ (روزيءَ) جي ڪشادگي لھندو، ۽ جيڪو الله (جي واٽ ۾) ۽ سندس پيغمبر ڏانھن ھجرت ڪندڙ ٿي پنھنجي گھر کان نڪرندو پوءِ کيس موت پھچندو تنھن جو اجر بيشڪ الله تي (لازم) آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.