الَّذِينَ يَتَرَبَّصُونَ بِكُمْ فَإِنْ كَانَ لَكُمْ فَتْحٌ مِنَ اللَّهِ قَالُوا أَلَمْ نَكُنْ مَعَكُمْ وَإِنْ كَانَ لِلْكَافِرِينَ نَصِيبٌ قَالُوا أَلَمْ نَسْتَحْوِذْ عَلَيْكُمْ وَنَمْنَعْكُمْ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ ۚ فَاللَّهُ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ۗ وَلَنْ يَجْعَلَ اللَّهُ لِلْكَافِرِينَ عَلَى الْمُؤْمِنِينَ سَبِيلًا
امروٽي
اھي (منافق) اوھان جو انتظار ڪڍندا آھن، پوءِ جيڪڏھن الله (جي پارکان) اوھان لاءِ ڪا فتح آھي ته چون ٿا ته (اسين) اوھان سان گڏ نه هُئاسون ڇا؟ ۽ جيڪڏھن (سوڀ جو) ڀاڱو ڪافرن جو آھي ته ڪافرن کي چون ٿا ته اسين اوھان تي غالب نه آھيون ڇا؟ ۽ مؤمنن کان اوھان کي نه بچايوسون ڇا؟ پوءِ الله قيامت جي ڏينھن اوھانجي وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ الله ڪافرن کي مؤمنن تي غلبي جي (ڪا) واٽ نه ڪندو.
: