فَبِمَا نَقْضِهِمْ مِيثَاقَهُمْ وَكُفْرِهِمْ بِآيَاتِ اللَّهِ وَقَتْلِهِمُ الْأَنْبِيَاءَ بِغَيْرِ حَقٍّ وَقَوْلِهِمْ قُلُوبُنَا غُلْفٌ ۚ بَلْ طَبَعَ اللَّهُ عَلَيْهَا بِكُفْرِهِمْ فَلَا يُؤْمِنُونَ إِلَّا قَلِيلًا
امروٽي
پوءِ سندن انجام ڀڃڻ ۽ الله جي آيتن کي سندن نه مڃڻ ۽ پيغمبرن کي سندن ناحق مارڻ (سببان سزا جوڳا ٿيا) ۽ سندن (انھيءَ) چوڻ سببان ته اسان جو دليون ڍڪيل آھن، (نه!) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن مُھر ھنئي آھي تنھنڪري ٿورن کانسواءِ ايمان نه آڻيندا.
: