يَا أَيُّهَا النَّاسُ قَدْ جَاءَكُمُ الرَّسُولُ بِالْحَقِّ مِنْ رَبِّكُمْ فَآمِنُوا خَيْرًا لَكُمْ ۚ وَإِنْ تَكْفُرُوا فَإِنَّ لِلَّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَكَانَ اللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا
امروٽي
اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار وٽان پيغمبر (مُحَمَّد صَلَّي اللهُ عَلَيۡہِ وَسَلَّم) اوھان وٽ سچ وٺي آيو آھي تنھنڪري (مٿس) ايمان آڻيو جو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ (ته اوھان جو نقصان آھي) ڇوته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
: