الرِّجَالُ قَوَّامُونَ عَلَى النِّسَاءِ بِمَا فَضَّلَ اللَّهُ بَعْضَهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ وَبِمَا أَنْفَقُوا مِنْ أَمْوَالِهِمْ ۚ فَالصَّالِحَاتُ قَانِتَاتٌ حَافِظَاتٌ لِلْغَيْبِ بِمَا حَفِظَ اللَّهُ ۚ وَاللَّاتِي تَخَافُونَ نُشُوزَهُنَّ فَعِظُوهُنَّ وَاهْجُرُوهُنَّ فِي الْمَضَاجِعِ وَاضْرِبُوهُنَّ ۖ فَإِنْ أَطَعْنَكُمْ فَلَا تَبْغُوا عَلَيْهِنَّ سَبِيلًا ۗ إِنَّ اللَّهَ كَانَ عَلِيًّا كَبِيرًا
امروٽي
مڙس زالن تي انھيءَ سببان حاڪم آھن جو الله انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيو آھي ۽ (ٻيو) ھن سببان جو پنھنجن مالن مان خرچيندا آھن، پوءِ ڀلاريون فرمانبردارڻيون پرپٺ نگاہ رکڻ واريون الله جي نگھباني موجب آھن، ۽ جن (زالن) جي بي فرماني معلوم ڪريو تن کي (زباني) نصيحت ڪريو ۽ پاٿارين ۾ کين ڌار ڪريو ۽ مار ڏيونِ، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي فرمانبرداري ڪن ته مٿن ڪا (ايذاءُ جي) واٽ نه ڳوليو، ڇوته الله وڏو وڏيءَ وڏائيءَ وارو آھي.