وَمَا كَانَ لِمُؤْمِنٍ أَنْ يَقْتُلَ مُؤْمِنًا إِلَّا خَطَأً ۚ وَمَنْ قَتَلَ مُؤْمِنًا خَطَأً فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُؤْمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلَىٰ أَهْلِهِ إِلَّا أَنْ يَصَّدَّقُوا ۚ فَإِنْ كَانَ مِنْ قَوْمٍ عَدُوٍّ لَكُمْ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُؤْمِنَةٍ ۖ وَإِنْ كَانَ مِنْ قَوْمٍ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُمْ مِيثَاقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلَىٰ أَهْلِهِ وَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُؤْمِنَةٍ ۖ فَمَنْ لَمْ يَجِدْ فَصِيَامُ شَهْرَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ تَوْبَةً مِنَ اللَّهِ ۗ وَكَانَ اللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا
امروٽي
۽ مؤمنن جو مارڻ ڪنھن مؤمن کي ڀُل چُڪ کانسواءِ (ڪنھن حال ۾) نه جڳائي، ۽ جيڪو مؤمن ڀُل چُڪ سان ماري ته (ھڪ ته) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪري ۽ (ٻيو ته) چَٽي سندس وارثن کي پھچائي پر جي بخشين (ته انھن کي اختيار آھي)، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي ويرين جي قوم مان آھي ۽ اُھو مؤمن ھجي ته (ڇڙو) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي (۽ چٽي معاف آھي)، ۽ جيڪڏھن انھيءَ قوم مان آھي جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ پڪو انجام ٿيل آھي ته چٽي سندس وارثن کي پھچائجي ۽ مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي، ۽ جيڪو نه لھي ته ٻه مھينا لڳو لڳ روزا رکي، (اھو ڪُفّارو) الله (جي پار) کان توبه جي (قبول ٿيڻ) ٿيڻ لاءِ آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
: