ذَٰلِكَ الَّذِي يُبَشِّرُ اللَّهُ عِبَادَهُ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ ۗ قُلْ لَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا إِلَّا الْمَوَدَّةَ فِي الْقُرْبَىٰ ۗ وَمَنْ يَقْتَرِفْ حَسَنَةً نَزِدْ لَهُ فِيهَا حُسْنًا ۚ إِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ شَكُورٌ
امروٽي
اِھو (ثواب) اُھو آھي جنھن جي الله پنھنجن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏيندو آھي جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھُران پر (جڳائي ته) مائٽن (جي وچ) ۾ محبت (رکو)، ۽ جيڪو چڱائي ڪمائيندو تنھن لاءِ اُن ۾ چڱائي وڌائينداسون، ڇوته الله بخشڻھار قدر ڄاڻڻ وارو آھي.