قَالَتِ الْأَعْرَابُ آمَنَّا ۖ قُلْ لَمْ تُؤْمِنُوا وَلَٰكِنْ قُولُوا أَسْلَمْنَا وَلَمَّا يَدْخُلِ الْإِيمَانُ فِي قُلُوبِكُمْ ۖ وَإِنْ تُطِيعُوا اللَّهَ وَرَسُولَهُ لَا يَلِتْكُمْ مِنْ أَعْمَالِكُمْ شَيْئًا ۚ إِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ
امروٽي
جھنگلي چوندا آھن ته ايمان اندو اٿون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته (حقيقت ڪري) ايمان نه آندو اٿو پر (ايئن) چؤ ته اسين مُسلمان ٿيا آھيون ۽ اڃا اوھان جي دلين ۾ ايمان گھڙيو (ئي) نه آھي، ۽ جيڪڏھن الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندؤ ته اوھان جي عملن مان اوھان کي ڪجھ (به) نه گھٽائيندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.