وَلَقَدْ أَخَذَ اللَّهُ مِيثَاقَ بَنِي إِسْرَائِيلَ وَبَعَثْنَا مِنْهُمُ اثْنَيْ عَشَرَ نَقِيبًا ۖ وَقَالَ اللَّهُ إِنِّي مَعَكُمْ ۖ لَئِنْ أَقَمْتُمُ الصَّلَاةَ وَآتَيْتُمُ الزَّكَاةَ وَآمَنْتُمْ بِرُسُلِي وَعَزَّرْتُمُوهُمْ وَأَقْرَضْتُمُ اللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا لَأُكَفِّرَنَّ عَنْكُمْ سَيِّئَاتِكُمْ وَلَأُدْخِلَنَّكُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ ۚ فَمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذَٰلِكَ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاءَ السَّبِيلِ
امروٽي
۽ الله بني اسرائيلن کان بيشڪ انجام ورتو، ۽ منجھن ٻارھن سردار مقرر ڪياسون، ۽ الله چيو ته تحقيق آءٌ اوھان ساڻ آھيان، جيڪڏھن نماز پڙھيو ۽ زڪٰوة ڏنوَ ۽ مُنھنجن پيغمبرن کي مڃيوَ ۽ کين مدد ڪيو ۽ الله کي چڱو قرض ڏنوَ ته البت اوھان جون مدايون اوھان کان ضرور ميٽيندس ۽ البت اوھان کي اھڙن باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، وري ھن کان پوءِ اوھان مان جيڪو ڪافر ٿيندو سو سڌيءَ واٽ کان بيشڪ ڀُلو.