يَا أَهْلَ الْكِتَابِ قَدْ جَاءَكُمْ رَسُولُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ كَثِيرًا مِمَّا كُنْتُمْ تُخْفُونَ مِنَ الْكِتَابِ وَيَعْفُو عَنْ كَثِيرٍ ۚ قَدْ جَاءَكُمْ مِنَ اللَّهِ نُورٌ وَكِتَابٌ مُبِينٌ
امروٽي
اي ڪتاب وارؤ بيشڪ اسان جو پيغمبر (ﷴ ﷺ) اوھان وٽ آيو اوھين (الله جي) ڪتاب مان گھڻيون ڳالھيون لڪائيندا ھيؤ تن مان گھڻيون (ڳالھيون) اوھان کي بيان ڪري ٿو ۽ گھڻين (ڳالھين) کان ٽارو ڪري ٿو، بيشڪ اوھان وٽ الله وٽان نُور ۽ پڌرو ڪتاب (قرآن) آيو آھي.