لَقَدْ كَفَرَ الَّذِينَ قَالُوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ الْمَسِيحُ ابْنُ مَرْيَمَ ۚ قُلْ فَمَنْ يَمْلِكُ مِنَ اللَّهِ شَيْئًا إِنْ أَرَادَ أَنْ يُهْلِكَ الْمَسِيحَ ابْنَ مَرْيَمَ وَأُمَّهُ وَمَنْ فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا ۗ وَلِلَّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۚ يَخْلُقُ مَا يَشَاءُ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
امروٽي
بيشڪ جن چيو ته الله پاڻ مسيح پٽ مريم جو آھي سي بيشڪ ڪافر ٿيا، چؤ ته جيڪڏھن الله عيسىٰ پُٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي سڀيئي زمين ۾ آھن ناس ڪرڻ گھري ته ڪير الله کان انھن کي ڪُجھ بچائي سگھندو؟ ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، جيڪي گھري ٿو سو پيدا ڪري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
: