يَا أَيُّهَا الرَّسُولُ لَا يَحْزُنْكَ الَّذِينَ يُسَارِعُونَ فِي الْكُفْرِ مِنَ الَّذِينَ قَالُوا آمَنَّا بِأَفْوَاهِهِمْ وَلَمْ تُؤْمِنْ قُلُوبُهُمْ ۛ وَمِنَ الَّذِينَ هَادُوا ۛ سَمَّاعُونَ لِلْكَذِبِ سَمَّاعُونَ لِقَوْمٍ آخَرِينَ لَمْ يَأْتُوكَ ۖ يُحَرِّفُونَ الْكَلِمَ مِنْ بَعْدِ مَوَاضِعِهِ ۖ يَقُولُونَ إِنْ أُوتِيتُمْ هَٰذَا فَخُذُوهُ وَإِنْ لَمْ تُؤْتَوْهُ فَاحْذَرُوا ۚ وَمَنْ يُرِدِ اللَّهُ فِتْنَتَهُ فَلَنْ تَمْلِكَ لَهُ مِنَ اللَّهِ شَيْئًا ۚ أُولَٰئِكَ الَّذِينَ لَمْ يُرِدِ اللَّهُ أَنْ يُطَهِّرَ قُلُوبَهُمْ ۚ لَهُمْ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ ۖ وَلَهُمْ فِي الْآخِرَةِ عَذَابٌ عَظِيمٌ
امروٽي
اي پيغمبر انھن جو حال توکي غمگين نه ڪري جيڪي اھڙن (ماڻھن) مان ڪفر ۾ ڪاھي پوندا آھن جو پنھنجن واتن سان چوندا آھن ته ايمان آندوسون ۽ سندن دلين ايمان نه آندو آھي، ۽ (پڻ) يھودين مان، جو ڏاڍا ڪُوڙ ٻڌندڙ آھن ٻيءَ قوم (ڪافرن) لاءِ جي اڃا تو وٽ نه آيا آھن جاسُوسي ڪندڙ آھن، ڪن (صحيح) ڳالھين کي پنھنجن ھنڌن تي قائم ھجڻ کانپوءِ بدلائيندا آھن، (ماڻھن کي) چوندا آھن ته جيڪڏھن ھيءُ (حُڪم) ڏنو وڃيوَ ته اھو قبول ڪجو ۽ جيڪڏھن اُھو نه ڏنو وڃيوَ ته پري ٿجو، ۽ الله جنھن جي گمراہ ڪرڻ جو ارادو ڪندو آھي تنھن لاءِ الله (جي پار) کان (ھدايت ڪرڻ جو) ڪُجھ اختيار نه اٿيئي، اُھي (اھڙا) آھن جو انھن جي دلين کي الله پاڪ ڪرڻ نه گھرندو آھي،، دنيا ۾ انھن لاءِ خواري آھي ۽ آخرت ۾ انھن لاءِ وڏو عذاب آھي.
: