وَأَنْزَلْنَا إِلَيْكَ الْكِتَابَ بِالْحَقِّ مُصَدِّقًا لِمَا بَيْنَ يَدَيْهِ مِنَ الْكِتَابِ وَمُهَيْمِنًا عَلَيْهِ ۖ فَاحْكُمْ بَيْنَهُمْ بِمَا أَنْزَلَ اللَّهُ ۖ وَلَا تَتَّبِعْ أَهْوَاءَهُمْ عَمَّا جَاءَكَ مِنَ الْحَقِّ ۚ لِكُلٍّ جَعَلْنَا مِنْكُمْ شِرْعَةً وَمِنْهَاجًا ۚ وَلَوْ شَاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُمْ أُمَّةً وَاحِدَةً وَلَٰكِنْ لِيَبْلُوَكُمْ فِي مَا آتَاكُمْ ۖ فَاسْتَبِقُوا الْخَيْرَاتِ ۚ إِلَى اللَّهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيعًا فَيُنَبِّئُكُمْ بِمَا كُنْتُمْ فِيهِ تَخْتَلِفُونَ
امروٽي
۽ (اي پيغمبر) توڏانھن سچائيءَ سان ڪتاب لاٿوسون جيڪي ڪتاب کانئس اڳ آھن تن جو سچو ڪندڙ ۽ مٿن نگھبان آھي تنھنڪري الله جيڪي لاٿو آھي تنھن موجب سندن وچ ۾ حُڪم ڪر ۽ جيڪي حق تو وٽ آيو آھي تنھن کان مُڙي سندين سَڌن جي تابعداري نه ڪر، اوھان مان ھر ڪنھن ٽوليءَ لاءِ شريعت ۽ (ھڪ سنئين) واٽ مُقرّر ڪئي سون، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان مڙني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر (گھريائين) ته جيڪي اوھان کي ڏنائين تنھن ۾ اوھان کي پرکي تنھنڪري چڱائيءَ ڏانھن اڳرائي ڪريو، اوھان مڙني جو الله ڏانھن موٽڻ آھي پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت اوھين تڪرار ڪندڙ ھيؤ تنھنجي فيصلي جي اوھان کي خبر ڏيندو.
: