أُحِلَّ لَكُمْ صَيْدُ الْبَحْرِ وَطَعَامُهُ مَتَاعًا لَكُمْ وَلِلسَّيَّارَةِ ۖ وَحُرِّمَ عَلَيْكُمْ صَيْدُ الْبَرِّ مَا دُمْتُمْ حُرُمًا ۗ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذِي إِلَيْهِ تُحْشَرُونَ
امروٽي
درياءَ جو شڪار اوھان لاءِ حلال ڪيو ويو ۽ ان جو کائڻ اوھان لاءِ ۽ مسافرن لاءِ نفعي وارو آھي، ۽ جھنگ جو شڪار جيستائين اوھين احرام وارا ھجو تيستائين اوھان تي حرام ڪيو ويو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.
: