الَّذِينَ يُظَاهِرُونَ مِنْكُمْ مِنْ نِسَائِهِمْ مَا هُنَّ أُمَّهَاتِهِمْ ۖ إِنْ أُمَّهَاتُهُمْ إِلَّا اللَّائِي وَلَدْنَهُمْ ۚ وَإِنَّهُمْ لَيَقُولُونَ مُنْكَرًا مِنَ الْقَوْلِ وَزُورًا ۚ وَإِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفُورٌ
امروٽي
اوھان مان جيڪي پنھنجين زالن کي ماءُ ڪوٺي وھندا آھن اُھي (زالون ڪي) اُنھن جون مائر نه آھن، سندن مائر (ته) اُھي آھن جن کين ڄڻيو آھي، بيشڪ اُھي (ائين چوندڙ) ھڪ اڻ جڳائيندڙ ڳالھ ۽ ڪوڙ چوندا آھن، ۽ بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.
: