وَأَقْسَمُوا بِاللَّهِ جَهْدَ أَيْمَانِهِمْ لَئِنْ جَاءَتْهُمْ آيَةٌ لَيُؤْمِنُنَّ بِهَا ۚ قُلْ إِنَّمَا الْآيَاتُ عِنْدَ اللَّهِ ۖ وَمَا يُشْعِرُكُمْ أَنَّهَا إِذَا جَاءَتْ لَا يُؤْمِنُونَ
امروٽي
۽ ڪافر پنھنجي سخت سُنھن سان الله جو قسم کڻندا آھن ته وٽن جيڪڏھن ڪو معجزو اچي ته ان کي ضرور مڃيندا، چؤ ته مُعجزا ته (خاص) الله وٽ آھن (اي مسلمانؤ) اوھان کي ڪنھن سمجھايو آھي ته اُھي مڃيندا (سو معجزا وٽن) جڏھن آيا ته به نه مڃيندا؟