وَلَا تَأْكُلُوا مِمَّا لَمْ يُذْكَرِ اسْمُ اللَّهِ عَلَيْهِ وَإِنَّهُ لَفِسْقٌ ۗ وَإِنَّ الشَّيَاطِينَ لَيُوحُونَ إِلَىٰ أَوْلِيَائِهِمْ لِيُجَادِلُوكُمْ ۖ وَإِنْ أَطَعْتُمُوهُمْ إِنَّكُمْ لَمُشْرِكُونَ
امروٽي
۽ جنھن (شيء) تي الله جو نالو ياد نه ڪجي تنھن مان نه کائو جو اُھو (کائڻ) ضرور گُناہ آھي، ۽ شيطان پنھنجن يارن کي ھن لاءِ وسوسو وجھندا آھن ته اوھان سان جھيڙو ڪن، ۽ جيڪڏھن سندن چيو مڃيندؤ ته اوھين (به) ضرور مشرڪ ٿيندؤ.
: