ثَمَانِيَةَ أَزْوَاجٍ ۖ مِنَ الضَّأْنِ اثْنَيْنِ وَمِنَ الْمَعْزِ اثْنَيْنِ ۗ قُلْ آلذَّكَرَيْنِ حَرَّمَ أَمِ الْأُنْثَيَيْنِ أَمَّا اشْتَمَلَتْ عَلَيْهِ أَرْحَامُ الْأُنْثَيَيْنِ ۖ نَبِّئُونِي بِعِلْمٍ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
امروٽي
(ڍور) اَٺ قسم آھن، رڍن مان ٻه ۽ ٻڪرين مان ٻه (نر ۽ ماديون) آھن، (اي پيغمبر کانئن) پُڇ ته الله ٻنھي نرن کي حرام ڪيو آھي يا مادين کي يا جنھن کي مادين جي ٻنھي قسمن جي ڳڀيرڻين لپيٽيو آھي؟ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته مون کي دليل سان خبر ڏيو.
: