قُلْ يَا أَيُّهَا الَّذِينَ هَادُوا إِنْ زَعَمْتُمْ أَنَّكُمْ أَوْلِيَاءُ لِلَّهِ مِنْ دُونِ النَّاسِ فَتَمَنَّوُا الْمَوْتَ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
امروٽي
(اي پيغمبر) چؤ ته اي يھوديو جيڪڏھن ڀائيندا آھيو ته ٻـين (سڀني) ماڻھن کانسواءِ رڳو اوھين الله جا دوست آھيو ته جيڪڏھن (انھي ڳالھ ۾) سچا آھيو ته موت گھرو.