وَلَمَّا وَقَعَ عَلَيْهِمُ الرِّجْزُ قَالُوا يَا مُوسَى ادْعُ لَنَا رَبَّكَ بِمَا عَهِدَ عِنْدَكَ ۖ لَئِنْ كَشَفْتَ عَنَّا الرِّجْزَ لَنُؤْمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرْسِلَنَّ مَعَكَ بَنِي إِسْرَائِيلَ
امروٽي
۽ جڏھن مٿن سزا پھتي ته (تڏھن) چيائون ٿي ته اي موسىٰ پنھنجي پالڻھار کان انھيءَ وعدي سان جو توسان ڪيو اٿس اسان لاءِ دُعا گھُر، ته جيڪڏھن اسان تان عذاب لاٿئي ته توتي ضرور ايمان آڻينداسون ۽ بني اسرائيلن کي (به) ضرور توسان ھلڻ جي موڪل ڏينداسون.
: