وَأَوْرَثْنَا الْقَوْمَ الَّذِينَ كَانُوا يُسْتَضْعَفُونَ مَشَارِقَ الْأَرْضِ وَمَغَارِبَهَا الَّتِي بَارَكْنَا فِيهَا ۖ وَتَمَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ الْحُسْنَىٰ عَلَىٰ بَنِي إِسْرَائِيلَ بِمَا صَبَرُوا ۖ وَدَمَّرْنَا مَا كَانَ يَصْنَعُ فِرْعَوْنُ وَقَوْمُهُ وَمَا كَانُوا يَعْرِشُونَ
امروٽي
۽ اُھا قوم جيڪا ھيڻي ڀانئبي ھئي تنھن کي اُنھيءَ اوڀر ۽ اولھ جي زمين (يعني شام ۽ مِصر) جو وارث ڪيوسون جنھن ۾ برڪت رکي ھئي سون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو بني اسرائيلن سان چڱو انجام انھي سببان پورو ٿيو جو صَبر ڪيائون، ۽ فرعون ۽ سندس قوم جيڪي بڻايو ۽ جيڪا (اڏاوت) بلند ڪئي ھوائون سا (سڀ) ناس ڪري ڇڏي سون.
: