وَلَمَّا جَاءَ مُوسَىٰ لِمِيقَاتِنَا وَكَلَّمَهُ رَبُّهُ قَالَ رَبِّ أَرِنِي أَنْظُرْ إِلَيْكَ ۚ قَالَ لَنْ تَرَانِي وَلَٰكِنِ انْظُرْ إِلَى الْجَبَلِ فَإِنِ اسْتَقَرَّ مَكَانَهُ فَسَوْفَ تَرَانِي ۚ فَلَمَّا تَجَلَّىٰ رَبُّهُ لِلْجَبَلِ جَعَلَهُ دَكًّا وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا ۚ فَلَمَّا أَفَاقَ قَالَ سُبْحَانَكَ تُبْتُ إِلَيْكَ وَأَنَا أَوَّلُ الْمُؤْمِنِينَ
امروٽي
۽ جنھن مھل مُوسىٰ اسان جي انجام واري ھنڌ آيو ۽ سندس پالڻھار ساڻس ڳالھايو (تنھن مھل) چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مونکي پاڻ ڏيکار ته آءٌ توکي ڏسان، (الله) چيو ته مونکي ڪڏھن نه ڏسي سگھندين پر جبل ڏانھن نھار پوءِ جيڪڏھن پنھنجي جاءِ ٽڪاءُ ڪيو ته تون مونکي ڏسي سگھندين، پوءِ جنھن مھل سندس پالڻھار جبل ڏانھن تجلّو ڪيو (ته) اُن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسىٰ بيھوش ٿي ڪري پيو، پوءِ جنھن مھل ھوش ۾ آيو (ته) چوڻ لڳو ته توکي پاڪائي جڳائي تنھنجي درگاہ ۾ توبه ڪيم ۽ آءٌ (سڀ کان) پھريون مؤمن آھيان.