وَاتَّخَذَ قَوْمُ مُوسَىٰ مِنْ بَعْدِهِ مِنْ حُلِيِّهِمْ عِجْلًا جَسَدًا لَهُ خُوَارٌ ۚ أَلَمْ يَرَوْا أَنَّهُ لَا يُكَلِّمُهُمْ وَلَا يَهْدِيهِمْ سَبِيلًا ۘ اتَّخَذُوهُ وَكَانُوا ظَالِمِينَ
امروٽي
۽ مُوسىٰ جي قوم کانئس پوءِ انھن (قبطين) جي زيورن مان گابي جو بوتو اھڙو ٺاھي ورتو جنھن کي رنڀ ھئي، نه ٿي ڏٺائون ڇا ته اُھو ساڻن نه ڳالھائيندو ھو ۽ نڪي انھن کي واٽ ڏيکاريندو ھو؟ اُن کي (خدا ڪري) ورتائون ۽ ظالم ھوا.