وَإِذْ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبْعَثَنَّ عَلَيْهِمْ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ مَنْ يَسُومُهُمْ سُوءَ الْعَذَابِ ۗ إِنَّ رَبَّكَ لَسَرِيعُ الْعِقَابِ ۖ وَإِنَّهُ لَغَفُورٌ رَحِيمٌ
امروٽي
۽ (ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار (يھودين کي) سُڌ ڏني ته (اُھو) مٿن قيامت تائين (اھڙو حاڪم) ضرور مقرر ڪندو جيڪو انھن کي بڇڙي سزا چکائيندو رھندو، ڇوته تنھنجو پالڻھار سَگھو سزا ڏيندڙ آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان (به) آھي.