وَاذْكُرُوا إِذْ أَنْتُمْ قَلِيلٌ مُسْتَضْعَفُونَ فِي الْأَرْضِ تَخَافُونَ أَنْ يَتَخَطَّفَكُمُ النَّاسُ فَآوَاكُمْ وَأَيَّدَكُمْ بِنَصْرِهِ وَرَزَقَكُمْ مِنَ الطَّيِّبَاتِ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
امروٽي
۽ (اي مھاجرؤ سندس احسانن کي) ياد ڪريو جڏھن زمين (مُلڪ) ۾ اوھين ٿورڙا (۽) ھيڻا ھيؤ ڊنؤ ٿي ته متان ماڻھو اوھان کي تڪڙو کڻي وٺن، پوءِ اوھان کي جاءِ ڏنائين ۽ اوھان کي پنھنجي مدد سان سگھ ڏنائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.