وَإِذَا طَلَّقْتُمُ النِّسَاءَ فَبَلَغْنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمْسِكُوهُنَّ بِمَعْرُوفٍ أَوْ سَرِّحُوهُنَّ بِمَعْرُوفٍ ۚ وَلَا تُمْسِكُوهُنَّ ضِرَارًا لِتَعْتَدُوا ۚ وَمَنْ يَفْعَلْ ذَٰلِكَ فَقَدْ ظَلَمَ نَفْسَهُ ۚ وَلَا تَتَّخِذُوا آيَاتِ اللَّهِ هُزُوًا ۚ وَاذْكُرُوا نِعْمَتَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَمَا أَنْزَلَ عَلَيْكُمْ مِنَ الْكِتَابِ وَالْحِكْمَةِ يَعِظُكُمْ بِهِ ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعْلَمُوا أَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ
امروٽي
۽ جڏھن زالن کي (ٻه ڀيرا) طلاق ڏيو پوءِ اُھي پنھنجي (عدت جي) مدي کي (اچي) پھچڻ لڳن ته (تڏھن يا) اُنھن کي چڱيءَ ريت سان رکو يا اُنھن کي چڱيءَ ريت سان ڇڏيو، ۽ ڏکوئڻ لاءِ کين نه جھليو نه زيادتي ڪريو، ۽ جيڪو ائين ڪندو تنھن بيشڪ پاڻ تي ظلم ڪيو، ۽ الله جي حُڪمن کي ٺـٺوليون ڪري نه وٺو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ جيڪي اوھان تي ڪتاب ۽ دانائيءَ مان لاٿائين جنھن سان اوھان کي نصيحت ڏيندو آھي (اُھو احسان به ياد ڪريو)، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
: