وَإِذَا طَلَّقْتُمُ النِّسَاءَ فَبَلَغْنَ أَجَلَهُنَّ فَلَا تَعْضُلُوهُنَّ أَنْ يَنْكِحْنَ أَزْوَاجَهُنَّ إِذَا تَرَاضَوْا بَيْنَهُمْ بِالْمَعْرُوفِ ۗ ذَٰلِكَ يُوعَظُ بِهِ مَنْ كَانَ مِنْكُمْ يُؤْمِنُ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ ۗ ذَٰلِكُمْ أَزْكَىٰ لَكُمْ وَأَطْهَرُ ۗ وَاللَّهُ يَعْلَمُ وَأَنْتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
امروٽي
۽ جڏھن زالن کي طلاق ڏيو پوءِ پنھنجي (عدت جي) مُدّت کي پھچن ته کين پنھنجن مُڙسن سان پرڻجڻ کان نه جھليو جڏھن ته پاڻ ۾ چڱيءَ ريت سان راضي ٿين، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو اوھان مان الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃي تنھن کي اُن سان نصيحت ڏجي ٿي، اِھو (حُڪم) اوھان کي صاف ڪندڙ ۽ بلڪل پاڪ ڪندڙ آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
: