وَإِذِ اسْتَسْقَىٰ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ فَقُلْنَا اضْرِبْ بِعَصَاكَ الْحَجَرَ ۖ فَانْفَجَرَتْ مِنْهُ اثْنَتَا عَشْرَةَ عَيْنًا ۖ قَدْ عَلِمَ كُلُّ أُنَاسٍ مَشْرَبَهُمْ ۖ كُلُوا وَاشْرَبُوا مِنْ رِزْقِ اللَّهِ وَلَا تَعْثَوْا فِي الْأَرْضِ مُفْسِدِينَ
امروٽي
۽ (ياد ڪر ته) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم لاءِ پاڻي گھريو تڏھن چيوسون ته پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ، پوءِ منجھانئس ٻارھن واھيون ڦاٽي نڪتيون، سڀڪنھن ماڻھو بيشڪ پنھنجو تڙ سُڃاتو، (چيوسون ته) الله جي رزق مان کائو پيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو.
: