يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اذْكُرُوا نِعْمَتَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ هَمَّ قَوْمٌ أَنْ يَبْسُطُوا إِلَيْكُمْ أَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ أَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ وَعَلَى اللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُونَ
امروٽي
اي ايمان وارؤ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو جڏھن ھڪ قوم پنھنجن ھٿن کي اوھان ڏانھن (ويڙھ لاءِ) ڊگھي ڪرڻ جو ارادو ڪيو تڏھن سندس ھٿ اوھان کان جھليائين، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله تي ڀلي ته مؤمن ڀروسو ڪن.
: